اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي سربراهه ذڪاءَ اشرف خلاف توهينِ عدالت جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي.
ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر شڪيل شيخ ۽ سيڪريٽري ناصر اقبال طرفان داخل ڪرايل درخواست ۾ پي سي بي اليڪشن ڪمشنر محمود اقبال خاڪواني، سي اي او سلمان نصير ۽ ٻين خلاف به توهينِ عدالت جي ڪارروائي جي استدعا ڪئي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عدالت ريجنل ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن جي صدر ۽ سيڪريٽري کي عهدن بحال ڪندي ڪميٽي جي قيام جو نوٽيفڪيشن معطل ڪري ڪم جاري رکڻ جي هدايت ڪئي هئي.
درخواست ۾ پي سي بي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين ذڪاءَ اشرف سميت ٻين خلاف توهينِ عدالت جي استدعا ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ چيو ويو آهي ته عدالتي حڪمن باوجود ذميوارن خلاف ڪارروائي نه ڪئي وئي ته هو اڳتي به عدالتي حڪمن جو احترام نه ڪندا.