ملڪ ۾ سون سوين رُپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ ۾ اڄ سون جي اگهه ۾ معمولي واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ في تولو سون تيرنهن سئو رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ ٻه لک 13 هزار 100 جو ٿي ويو آهي.

ڏهه گرام سون هڪ هزار 114 رُپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ هڪ لک ٻياسي هزار ڇهه سئو اٺانوي رُپين جو ٿي ويو آهي.

عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون ست ڊالر اضافي کانپوءِ 1975 ڊالز جو ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.