ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي پوليس چيف خادم رند چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي سان ڪراچي ۾ ڏوهن جي شرح گهٽجي وئي آهي.
پنهنجي بيان ۾ ڪراچي پوليس چيف چيو ته 26 کان 27 هزار افغاني رضاڪاراڻي طور ڪراچي مان وڃي چڪا آهن، آپريشن ۾ ان وقت تائين وڌيڪ تيزي ايندي رهندي، جيستائين هڪ به غير قانوني هتي موجود هوندو.
هن چيو ته آپريشن پهرين نومبر کان جاري آهي، نادرا کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، هيلپ ڊيسڪ کي 24 ڪلاڪ بجلي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي.
Next Post
You might also like