اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان خلاف ڪوڙي ۽ ناڪاري پروپئگنڊا ڪرڻ ۾ ڀڳوڙو يوٽيوبر عادل راجا سڀ کان اڳتي آهي.
ڀڳوڙي يوٽيوبر بابت پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي پاڪستاني عوام چيو ته هو را جو ايجنٽ آهي ۽ اسان وٽ اهڙيون شاهديون به آهن، هو لنڊن ۾ ويهي پاڪستان جي سڃاڻپ خراب ڪري رهيو آهي، جيڪڏهن ايڏو سچو آهي ته پاڪستان ۾ اچي ڳالهائي.
عوام چيو ته عادل راجا ٿيندو ڪير آهي پاڪستان ۽ ان جي ادارن خلاف ڳالهائڻ وارو، عادل راجا ۽ ان جهڙا ٻيا ماڻهو ٻاهر ويهي پاڪستان خلاف پروپئگنڊا ڪري رهيا آهن، اهڙا عنصر پاڪ فوج ۽ عوام وچ ۾ نفرت پکيڙڻ چاهين ٿا.
عوام وڌيڪ چيو ته عادل راجا جهڙن ملڪ دشمن عنصرن کي انٽروپول ذريعي پاڪستان آڻڻ گهرجي، فوج اسان جي حفاظت لاءِ آهي، اها نه هوندي ته اسان به نه بچنداسين.
Next Post
You might also like