ڀارت:سياسي اڳواڻ گاڏي جي ڇت تان ڪري پيا، وڊيو وائرل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ سياسي اڳواڻ گاڏي جي ڇت تان ڪري پيا، واقعي جي وڊيو وائرل ٿي وئي.
پرڏيهي خابر اداري جي رپورٽ موجب تلنگانه جي جو وزير ڪي ٽي راما رائو (ڪي ٽي آر) ۽ ڀارت راشٽر سميتي جا ٻيا اڳواڻ ان وقت گاڏي تان ڪري پيا جڏهن هو ايندڙ رياستي اسيمبلي جي چونڊن جي مشهوري ڪري رهيا هئا.
وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته بي آر ايس اڳواڻ هجوم جي آجيان ڪري رهيا هئا ته گاڏي جي ڊرائيور اوچتو بريڪ هنئين، جنهن سان گاڏي جي ڇت تي بيٺي هٿ لوڏيندڙ ماڻهو ڪري پيا.
اڳواڻن جي حفاظٽ لاءِ لڳايل ريلنگ ٽٽي پئي، وڊيو ۾ ٽي ڪي آر پاڻ زمين تي نه ڪريو جڏهن ته بي آر ايس ليڊر ۽ راجيه سڀا پاليامينٽ ميمبر سريش ريڊي ڪري پيو.
تلنگانه جي وزير ڪي ٽي راما رائو نظام آباد چونڊ مهم بعد، ڪوڊنگل ۾ هڪ روڊ شو ۾ حصو وٺڻ لاءِ روانو ٿيو. سندس چوڻ هو ته کيس ڪو به ڌڪ ناهي رسيو ماڻهو منهنجي صحت بابت فڪر نه ڪن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.