ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي خلاف درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي.
سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي عدالت چيو ته غير قانوني پرڏيهين جي بي دخلي رياست جي پاليسي آهي، عدالت مداخلت نٿي ڪري سگهي، اڳ ۾ درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي دليل ڏنا وڃن.
عدالت درخواست تي وفاقي ۽ صوبائي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪرڻ کان انڪار ڪندي پڇاڻو ڪيو ته درخواستگذار حڪومت جي ان فيصلي سان ڪيئن متاثر ٿيو؟
درخواست گذار جي وڪيل چيو ته اهو عام مفاد جو مسئلو آهي، افغان پناهگيرن کي گرفتار ڪري بي دخل ڪيو پيو وڃي.
عدالت چيو رياست جي پاليسي ۽ فيصلي ۾ ڪيئن ٿا مداخلت ڪري سگهون؟ اسان ڪنهن به صورت ۾ رياست جي پاليسي ۾ مداخلت نٿا ڪري سگهون، غير قانونين کي بي دخل ڪيو پيو وڃي.
وڪيل چيو افغان پناهگيرن کي ٻڌڻ جو حق نه پيو ڏنو وڃي، انساني حقن جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، پاڪستان جو قانون شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو.
عدالت پنهنجي ريمارڪس ۾ چيو ته ويزا جو مدو ختم ٿيڻ تي ڪو پاڪستاني سعودي عرب يا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ رهي سگهي ٿو؟ ويزا ختم ٿيڻ کانپوءِ هڪ ڏينهن ڪنهن ملڪ ۾ نٿا رهي سگهو ته پاڪستان ۾ غير قانوني طور ڪيئن ٿو رهي سگهجي؟
عدالت چيو ته پاڪستان جو قانون رڳو پاڪستانين کي تحفظ ڏئي ٿو، درخواست ٻڌڻي جوڳي هجڻ تي مطمئن ڪيو وڃي.
پوءِ سنڌ هاءِ ڪورٽ درخواست تي وڌيڪ ٻڌڻي کان انڪار ڪري ڇڏيو.
You might also like