ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران گهرو وزير حارث نواز چيو آهي ته غير قانوني پرڏيهين خلاف ڪارروائي دوران ٻن چينين، 24 بنگالين ۽ ڪجهه ڀارتين کي به ملڪ بدر ڪيو ويو آهي.
صحافين سان ڳالهائيندي بريگيڊيئر (ر) حارث نواز چيو ته پرڏيهين خلاف ڪارروائي رڳو افغانستان جي شهرين خلاف نه پئي ٿئي پر سڀني غير قانونين کي ڪڍيو پيو وڃي.
هن چيو ته هيل تائين ٻن چائنيز، 24 بنگالين ۽ ڀارتين سان گڏوگڏ ٻين ملڪن سان واسطو رکندڙ غير قانوني پرڏيهين کي به ملڪ مان ڪڍيو ويو آهي.
You might also like