اداڪارا رباب هاشم معاشري ۾ طلاق جا وڌندڙ سبب ٻڌائي ڇڏيا

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني اداڪارا رباب هاشم معاشري ۾ طلاق جا وڌندڙ سبب بيان ڪري ڇڏيا.
اداڪارا رباب هاشم تازو ئي هڪ پوڊڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران ميزبان هن کان معاشري ۾ طلاق جي وڌندڙن سببن بابت سوال ڪيو.
رباب هاشم چيو ته طلاق جي ڪيترائي سبب آهن، وقت سان گڏ ماڻهن ۾ برداشت ختم ٿيندي پئي وڃي.
رباب هاشم موجب جيتوڻيڪ اسان کي معاشري ۾ ٿيندڙ طلاق جي سببن جي حوصلا افزائي نه ڪرڻ گھرجي پر وڌندڙ ڪيسن جي ڪيترن ئي ڪيسن جي ڪيترن ئي سببن مان هڪ اهو به آهي ته پهريان اسان کي اهو ٻڌايو ويندو هو ته شادي ٿي وئي آهي هاڻ برداشت ڪريو، شادي بعد ڪا به ڇوڪري ڌار ٿيڻ جو قدم نٿي کڻي سگھي پر اڄ جي نسل جي سوچ تبديل ٿي چڪي آهي.
اداڪارا چيو ته اڄ جي نسل جا ماڻهو سمجهن ٿا ته جيڪڏهن ٻن ماڻهن جو رستو درست رخ ۾ ناهي وڃي رهيو ته عزت ۽ محبت سان رستا ڌار ڪري ڇڏڻ وڌيڪ بهتر آهي ان بدران جو اوهان هڪ اهڙي رشتي ۾ ٻڌل رهو جيڪوڪ خوشي نه ڏئي سگھي.
هن چيو ته جيڪڏهن شادي شدهه زندگي ۾ مسئلا هجن ته ٻن ماڻهن سان گڏ ٻارن جي به زندگي متاثر ٿيندي آهي.
سندس چوڻ هو ته ڪجهه ڪيسن ۾ طلاق بري شيءِ ناهي، ڪٿي اڄ به اسان جي معاشري ۾ ڇوڪرين کي ٻڌايو ويندو آهي ته شادي ٿي وئي هاڻي ان کي هر حال ۾ نڀائڻو آهي پر منهنجو خيال آهي ته والدين کي ٻارن جو ساٿ ڏيڻ گھرجي ۽ کين ٻڌائڻ گھرجي ته اسان اوهان سان گڏ آهيون خاص طور تي ڌيئرن کي سمجهايو ته اوهان وٽ شادي کان پوءِ واپسي جو رستو آهي تنهنڪري پاڻ کي اذيت ۾ نه وجهو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.