ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ جيان ڪراچي مان به غير قانوني افغانين جي واپسيءَ جو سلسلو جاري آهي.
اختيارين موجب حاجي ڪئمپ هولڊنگ سينٽر ۾ 83 ڄڻا موجود هئا، غير رجسٽرڊ ماڻهن ۾ 19 عورتون، 19 مرد ۽ 45 ٻار شامل آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هولڊنگ سينٽر ۾ غير قانوني پرڏيهين کي رجسٽريشن کانپوءِ ٻن بسن ذريعي ڪراچي مان روانو ڪيو ويو، گذريل هڪ هفتي دوران 5 سئو کان وڌيڪ ماڻهو چمن بارڊر موڪليا ويا آهن.
You might also like