آسٽريليا جي افغانستان کي مات، سوشل ميڊيا واهپيدارن عرفان پٺاڻ کي ڌوئي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) افغانستان هٿان پاڪستان جي شڪست تي افغان رانديگرن سان رقص ڪندڙ اڳوڻي ڀارتي رانديگر عرفان پٺاڻ کي افغانستان جي شڪست تي واهپيدارن طرفان ٽرول ڪيو ويو.

پاڪستان خلاف افغانستان جي ڪاميابي کانپوءِ  عرفان پٺاڻ جي ميدان ۾ افغان رانديگرن سان گڏ ڊانس جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.

هاڻ آسٽريليا هٿان افغانستان جي شڪست تي واهپيدارن عرفان پٺاڻ کي جواب ڏيڻ جو موقعو ملي ويو آهي جنهن کانپوءِ  ميمز جو هڪ نه کٽندڙ سلسلو شروع ٿي ويو.

هڪ وهپيدار ميڪسويل جي تصوير سان گڏ عرفان پٺاڻ جي روئڻ جي تصوير پوسٽ ڪري ڇڏي.

هڪ صارف ننڍڙي ٻار جي روئڻ واري تصوير شيئر ڪئي ۽ لکيو ته اڄ رات عرفان پٺاڻ جي حالت ڪجهه هن ريت آهي.

هڪ واهپيدار ٽي وي اسڪرين جي آڏو آسٽريليا جي فتح کانپوءِ رقص ڪندي لکيو ته هي عرفان پٺاڻ لاءِ آهي.

هڪ ٻئي صارف پنهنجي وڊيو پوسٽ ۾ عرفان پٺاڻ کي احمق قرار ڏيندي چيو ته هيلو عرفان پٺاڻ ڪيئن آهين اڄ اوهان جي مُجري جو پروگرام هيو جيڪو ڪئنسل ٿي ويو آهي.

هڪ واهپيدار ڀارتي اداڪار منوج باجپائي جي هڪ فلمي سين جي تصوير پوسٽ ڪندي لکيو ته هاڻي انڊر گرائونڊ ٿيڻ جو وقت اچي ويو آهي.

ان موقعي تي ڪيئي واهپيدارن ڀارتي فلمن ۽ ڊرامن جي ڊرامن ۽ منظرن جو سهارو وٺندي عرفان پٺاڻ جي حالت جي عڪاسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.