ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ ) ڪولڪتا جي ايدن گارڊنز ۾ پاڪستان ٽيم جو آپشنل ٽريننگ سيشن جاري آهي جنهن ۾ فاسٽ بالر حارث رئوف به حصو ورتو.
پريڪٽس سيشن ۾ ايم آر آءِ رپورٽ نيگيٽو اچڻ کانپوءِ فاسٽ بالر حارث رئوف به ٽريننگ ۾ بالنگ ڪئي جڏهن ته ابرار احمد، امام الحق ۽ محمد نواز ٽريننگ ۾ حصو نه ورتو.
پريڪٽس سيشن دوران سمورن رانديگرن فيلڊنگ ۾ ڀرپور حصو ورتو، پريڪٽس سيشن ۾ فاسٽ بالرن خاص پريڪٽس ڪئي، بالرن اسٽمپ تي پاڻي جي بوتل رکي بالنگ ڪئي، فاسٽ بالرن لائين ۽ لينٿ بهتر بڻائڻ لاءِ خاص ٽريننگ ڪئي.
پريڪٽس ۾ شاداب خان سميت سمورن بالرن بالنگ ڪئي، فخر زمان کانسواءِ تمام بيٽرن بيٽنگ ڪئي ۽ پاڪستاني ٽيم جي پريڪٽس سيشن جي موقعي تي فينز پڻ موجود هئا.
پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم ليگ مرحلي جي آخري ۽ اهم ميچ يارنهن نومبر تي انگلينڊ خلاف ڪولڪتا جي تاريخي ايڊن گارڊنز اسٽيڊيم ۾ کيڏندي.
Next Post
You might also like