اهم خبر، خميس، جمعي ۽ ڇنڇر تي بئنڪ بند رهندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) اسٽيٽ بئنڪ گورنر جميل احمد پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي جي صوبي جي 8 ضلعن ۾ خميس، جمعي ۽ ڇنڇر تي بئنڪ بند رکڻ جي تجويز سان اتفاق ڪري ورتو.
پنجاب جي نگران وڏي وزير محسن نقوي اسٽيٽ بئنڪ گورنر جميل احمد سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو، جنهن ۾ محسن نقوي سموگ بابت جميل احمد کي آگاهه ڪيو.
نگران وڏي وزير اسٽيٽ بئنڪ گورنر کي خميس، جمعي ۽ ڇنڇر تي 8 ضلعن ۾ بئنڪ بند رکڻ جي درخواست ڪئي، جميل احمد ان تجويز سان اتفاق ڪيو.
پنجاب حڪومت جي ذريعن جو چوڻ آهي ته خميس، جمعي ۽ ڇنڇر تي به بئنڪ بند رهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.