ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر سرفراز احمد کي پنهنجو پسنديدا ڪپتان قرار ڏئي ڇڏيو.
اڳوڻي فاسٽ بالر محمد عامر، عماد وسيم ۽ اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ شرڪت ڪئي جنهن دوران هنن عالمي ڪپ جي صورتحال تي گفتگو ڪئي.
پروگرام دوران هڪ سوال جي جواب ۾ محمد عامر سرفراز احمد کي پنهنجو پسنديدا ڪپتان قرار ڏنو.
ٻئي پاسي آسٽريليا خلاف افغانستان جي شڪست تي عماد وسيم چيو ته ميڪسويل ون ڊي جي تاريخ جي بهترين اننگز کيڏي جڏهن ته پاڪستان جي ٽيم ۾ اسپنر جي کوٽ آهي.
اڳوڻي آل رائونڊر عبدالرزاق چيو ته آسٽريليا افغانستان ميچ ورلڊ جي تاريخي ميچ هئي جنهن دوران ميڪسويل ڪپتان کي گائيڊ ڪندو رهيو.
You might also like