لاهور (ويب ڊيسڪ) ن ليگ ۽ ايم ڪيو ايم وفد ۾ ملاقات جي اندورني ڪهاڻي سامهون اچي وئي.
ذريعن موجب ايم ڪيو ايم ن ليگ جي چيف آرگنائيزر مريم نواز کي ڪراچي مان چونڊ وڙهڻ جي تجويز ڏني.
ذريعن جو چوڻ آهي ته گڏيل اختلافي نڪتن کي وساري نئين سر سياسي رشتو قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو.
ذريعن موجب اتفاق ڪيو ويو ته سنڌ جي سطح تي وڏو چونڊ اتحاد ٺاهڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.
ايم ڪيو ايم تجويز ڏني ته سنڌ جي قوم پرست ۽ ٻين سياسي قوتن کي هڪ پليٽ فارم تي هجڻ گهرجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم ڪيو ايم ٻين جماعتن سان شروعاتي رابطا ڪري ن ليگ کي آگاهه ڪندي.
You might also like