9 نومبر واري موڪل رد ڪئي وئي، پر ڇو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت ناڻي واري وزارت جي ملازمن جي 9 نومبر جي موڪل ختم ڪري ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته ناڻي واري سيڪريٽري جي هدايت تي ملازمن جون موڪلون رد ڪيون ويون آهن. ٻڌايو ويو آهي ته آءِ ايم ايف سان ڳالهين سبب موڪلن ملتوي ڪئي وئي آهي.

ياد رهي ته ڪابينا ڊويزن علامه اقبال جي جنم ڏينهن جي موقعي تي 9 نومبر تي عام موڪل جي منظوري ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.