اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کان ڊالر جي ڀيٽ ۾ رپئي جي قدر ۾ واڌ جا تفصيل گهري ورتا.
ذريعن موجب آءِ ايم ايف مطالبو ڪيو آهي ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ايڪسچينج ڪمپنين خلاف ڪارروائي جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.
ناڻي واري وزارت موقف اختيار ڪيو ته آءِ ايم ايف شرطن تحت اسٽيٽ بئنڪ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ تي مڪمل عملدرآمد ڪيو، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي ڪارروائي سان هٿرادو طور رپئي جي قدر ۾ واڌ ناهي ٿي.
ناڻي واري وزارت وڌيڪ چيو ته سمگلنگ ۽ غير قانوني طور رهندڙ ماڻهن خلاف ڪارروائي سان ڊالر ريٽ ڪِريو، ان دوران حڪومت ادائيگيون به ڪيون.
Prev Post
Next Post
You might also like