اسان ملڪ جي فائدي جي ڳالهه ڪئي آهي، افغاني واپس ته وڃن پر اتي آهي ڇا؟ آصف زرداري

خان ڳڙهه (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين نه ڪو ڪم ڪرڻ ايندو آهي ۽ نه ڪرائڻ ايندو آهي، اسان عمران خان کي اقتدار لاءِ نه پر ملڪ جي ترقي لاءِ ڪڍيو هو،
گهوٽڪي ضلعي جي تعلقي خان ڳڙهه ۾ جلسي سان خطاب ڪندي آصف علي زرداري چيو ته دل ٿي چئي اڄ سنڌي ۾ ڳالهايان، ڀٽو جي قبر تي لکيل آهي ته هتي عوام جو نوڪر دفن آهي، مان هڪ سوچ تحت پارليامينٽ کي اختيار واپس ڪيا، اسان جا مخالف چونڊن ۾ بهيندا ته اسان انهن کي ويلڪم چونداسين.
هن چيو ته سڀ پنهنجي سياست ڪن، اسان جي پنهنجي سياست ۽ فلسفو آهي، اسان بينظير ڀٽو جي شهادت تي به چيو ته پاڪستان کپي، ملڪ هن وقت معاشي طور ڪمزور ٿي رهيو آهي، جيڪڏهن ڪا بهتري جي ڳالهه ڪيون ٿا ته انهن کي لڳي ٿو شايد ان ۾ اسان جو ڪو فائدو آهي.
سندس چوڻ هو ته اسان سدائين انسانيت جي خدمت جو فيصلو ڪيو آهي، اسان سدائين عوام جي نوڪري ڪئي آهي، عوام جي خدمت ئي اسان جي جنت آهي، اسان سمنڊ مان صاف ڪري ڪراچي کي پاڻي ڏئي سگهون ٿا.
اڳوڻي صدر موجب اسان کي خبر آهي ته بارڊر جي ٻاهر ڇا ٿي رهيو آهي، دوستن چيو ته توهان تاريخ جي خلاف وڃي رهيا آهيو، اسان چاهيون ٿا ته افغان ڀائر واپس وڃن پر وڃن ڇا تي؟ اتي ڇا آهي؟ اسان جڏهن به ڳالهه ڪئي آهي ته ملڪ جي فائدي جي ڳالهه ڪئي آهي، دوستن ۽ دشمنن کي پيغام ڏيڻ چاهيان ٿو ته پاڪستان کي ٺاهيو به سنڌ آهي ۽ بچائڻو به سنڌ کي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.