لاهور (ويب ڊيسڪ) لنڊن واپسي کانپوءِ پهريون ڀيرو ن ليگ قائد نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري وچ ۾ ٽيليفونڪ رابطو ٿيو آهي.
ذريعن موجب آصف زرداري ڏيهه واپسي تي نواز شريف کي واڌايون پيش ڪيون ۽ ٻنهي ۾ جلد ملاقات تي به اتفاق ٿيو.
ٻنهي اڳواڻن رياست بچائڻ لاءِ گڏجي هلڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ۽ معاشي ڏکيائين مان نڪرڻ ۽ عوام کي رليف ڏيڻ لاءِ اهم فيصلا ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو.
You might also like