سنڌ حڪومت صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت 9 نومبر اقبال ڏهاڙي تي سڄي صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سنڌ حڪومت طرفان 9 نومبر خميس ڏينهن صوبي ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو ويو آهي، جنهن جو نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن سنڌ حڪومت 13 نومبر تي ڏياري جي سڀني ادارن ۾ هندو ملازمن لاءِ موڪل جو اعلان ڪيو آهي، جنهن جو پڻ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته وفاقي حڪومت پڻ 9 نومبر اقبال ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل جو اعلان ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.