پرويز اشرف اسٽيبلشمينٽ جو ”ماڻهو“، ايندڙ ڏينهن ۾ چيف جسٽس خلاف محاذ کلڻ وارو

اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف فيض آباد ڌرڻي ڪيس ۾ ماضي کي وسارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي سندس اهي لفظ تاريخ ۾ ياد رکيا ويندا، تجزئي نگار عمران شفقت چيو آهي ته پرويز اشرف انٽرويو ۾ جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي هن چيف  جسٽس قاضي فائز عيسيٰ کي مخاطب ٿي چيون آهن، راجا پرويز اشرف ۽ هن جهڙا ٻيا ماڻهو ”راولپنڊي“ يا اسلام آباد جي ”آبپاره مارڪيٽ“ جي نگراني ۾ هلندا آهن،هن چيو ته ماضي وسارڻ جي ڳالهه آهي ته پوءِ راجا پرويز اشرف شهيد ڀٽو ڪيس به وساري، جيڪو سپريم ڪورٽ ۾ شهيد ڀٽي جي ڪيس جو ريفرنس پيل آهي اهو به واپس وٺن،هن چيو ته راجا پرويز اشرف اعلان ڪري ته 9 مئي واقعي کي وساري پي ٽي آءِ سان به ڳالهيون ڪري،فيض آباد ڌرڻو هجي يا 9 مئي واقعو هجي سڀ قومي ڏوهه آهن، پراجيڪٽ عمران قومي ڏوهه آهي ،ائين نٿو ٿي سگهي ته 9 مئي واقعو آرمي چيف خلاف سازش آهي ان ڪري ان کي نٿو وساري سگهجي ،پرويز اشرف جهڙا ماڻهو اڀرندڙ سج جا پوڄاري آهن،اهي ”ڪنهن ٻئي“ جي حڪمن تي هلي رهيا آهن، سسٽم پنهنجي ٻن اڳوڻن سربراهن کي بچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪري رهيو آهي ڇو ته فيض آباد ڌرڻي ڪيس کانپوءِ ايندڙ هر آءِ ايس آءِ سربراهه قانون تي عمل ڪندو، پرويز اشرف نگران وزيراعظم جو اميدوار هو، هن جي فيصلا سازن سان لائن سيٽ آهي،هن چيو ته  ايندڙ ڏينهن ۾ سپريم ڪورٽ خلاف هڪ محاذ کڙو ٿيڻ وارو آهي، ڪجهه سياستدان مفاهمت جو راڳ ڳائي رهيا هوندا، جسٽس قاضي فائز عيسيٰ خلاف هڪ محاذ کلندو، هر اسٽيبلشمينٽ حامي سياستدان ان ۾ حصو وجهي رهيو هوندو، هن چيو ته جيڪي قومون ترقي ڪنديون آهن اهي پنهنجي قومي ڏوهارين کي سزا ڏئي اڳتي وڌنديون آهن،هن چيو ته جيڪڏهن پاڪستان کي قائم رهڻو آهي ته هڪ وقت ايندو جڏهن جنرل(ر) باجوا، جنرل ضيا، جنرل ايوب، جنرل راحيل شريف، جنرل فيض خلاف ڪيس هلندا

چيف جسٽس کي اڪيلو ڪرڻ جي تياري،آصف زرداري پاران ”خدمتون“ پيش

لاهور(عوامي آواز نيوز) آصف زرداري به نوازشريف جي نقش قدم تي نڪري پيو، تجزئي نگار گوهر بٽ پنهنجي وي لاگ ۾ چيو آهي ته هن  وقت ملڪ جي معاشي صورتحال آهي ان ۾ اسحاق ڊار سميت سمورن ناڻي وزيرن جو به ڪردار آهي، اسحاق ڊار اسٽيبلشمينٽ کي خاطري ڪرائي هئي ته هو اڳوڻن جنرلن جي احتساب جي ڳالهه نه ڪندو، لاهور جلسي کانپوءِ نوازشريف احتساب جي ڳالهه ڪرڻ وارو هو پر کيس پرچي ملي وئي، پ پ پاران نوازشريف لاءِ لاڏله پلس جا الزام لڳڻ شروع ٿي ويا،بلاول آصف زرداري جي چوڻ تي چپ ٿي ويو پر پوءِ خورشيد شاهه نوازشريف تي ڊيل جو مهڻو هنيو، پ پ پنجاب طرفان نديم افضل ،حسن مرتضيٰ به نوازشريف تي سخت تنقيد ڪئي، ن ليگ کي نوازشريف پاران سخت هدايت مليل هئي ته ڪو به جواب ناهي ڏيڻو، ڇو ته ن ليگ کي خبر آهي ته اها ميچ کٽي رهي آهي، راجا پرويز اشرف پ پ قيادت جي ويجهو آهي،ان طرفان آيل ڳالهه اهميت واري آهي، ڊان ٽي وي کي انٽرويو ۾ هن فيض آباد ڌرڻو وسارڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، ان جو مطلب ته نوازشريف کي لاڏله پلس جو مهڻو ڏيندڙ پاڻ لاڏلو پلس ٿي ويا آهن يا بڻجڻ جي تياري پيا ڪن، يا انهن پنهنجي پاڻ کي مارڪيٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي،اها اسٽيبلشمينٽ کي آفر آهي ته اسان خدمت لاءِ حاضر آهيون، اڳ ۾ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي پويان سموريون پارٽيون بيٺل هيون هاڻي کيس اڪيلو ڪيو پيو وڃي، پهرين نوازشريف سائيڊ تي ٿي ويو هاڻي آصف زرداري جي پاڪستان پيپلز پارٽي به پاسو مٽايو آهي،جنهن جو مطلب آهي ته جنرل(ر)فيض حميد جو وار به ونگو ناهي ٿيڻو ،هاڻي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ۽ اسٽيبلشمينٽ آمهون سامهون هوندا،آصف زرداري پنهنجي پاڻ کي نوازشريف جي متبادل طور پيش ڪري ڇڏيو آهي، هن وقت صرف ۽ صرف اقتدار جي ويڙهه شروع ٿي وئي آهي،

راجا پرويز اشرف پاران فيض آباد ڌرڻي ۽ ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جو مشورو

اسلام آباد ( م ڊ ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف فيض آباد ڌرڻي ۽ ماضي کي وساري اڳتي وڌڻ جو مشورو ڏنو آهي. خانگي ٽي  وي سان ڳالهائيندي راجا پرويز اشرف چيو ته جيڪو ٿي رهيو آهي ان جو نتيجو اسان کي ڏسڻو آهي، 75، 76 سال گذرڻ باوجود پنهنجي پيرن تي نه بيٺا آهيون. هن چيو ته ڇا اسان کي ماضي ۾ هلڻو آهي يا مستقبل ۾ قدم کڻڻو آهي؟ راجا پرويز اشرف چيو ته ترقي يافتا قومون اڳتي ويندڙ قومون هونديون آهن، هن چيو ته 5 سالن کانپوءِ سڀ جاڳندا آهن، قوم پريشان ٿي رهي آهي ۽ اسان نفرتون پکيڙي رهيا آهيون. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر تجويز ڏني ته سياسي پارٽين وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ نئون سوشل ڪانٽريڪٽ ٿيڻ گهرجي، جيڪڏهن ڪو مسئلو آهي ته اسان کي ويهڻ ۽ ڳالهائڻو پوندو، اسان جا دشمن هاڻي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهيا آهن ۽ چئي رهيا آهن ته کين ڇڏي ڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.