ڪرڪيٽ ٽيم بابت اشنا شاهه جو تڪراري بيان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ خلاف کٽڻ بعد قومي ٽيم کي هر پاسي کان سپورٽ ملي رهي آهي ۽ هر ماڻهو سندن واکاڻ ڪري رهيو آهي پر اشنا شاهه جي بيان کي تڪرار قرار ڏنو پيو وڃي.

هڪ شو دوران اشنا شاهه کان سوال ڪيو ته ڇا ڪرڪيٽ ٽيم کي ڪا تبديلي آڻڻ گهرجي؟

اشنا شاهه ان جو دلچسپ جواب ڏنو ۽ چيو ته ها، قومي ٽيم واقعي مذهبي حوالي سان پنهنجي پي آر لاءِ سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.

سندس اشارو ان پاسي ٿي سگهي ٿو جڏهن قومي ٽيم جي رانديگرن ڪرڪيٽ جي ميدانن ۾ نمازون ادا ڪيون ۽ سجدا ڪيا.

اشنا ان ڳالهه کي ٺيڪ قرار ڏنو ۽ چيو ته اهو ٽيم جي رانديگرن وچ ۾ ٻڌي کي به ظاهر ڪري ٿو ۽ هڪ سٺي شئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.