نالي ماتر ”آزاد“دنيا فلسطين ۾ نسل ڪشي جي حمايت ڪري رهي آهي:پريانڪا گانڌي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي باني جماعت ڪانگريس جي اڳواڻ پريانڪا گانڌي فلسطين ۾ اسرائيلي بمباري ۾ 10 هزار ماڻهو شهيد ٿيڻ تي رنج ۽ ڏک جو اظهار ڪندي نه رڳو عالمي برادري ۽ ادارن جي ڪارڪردگي تي سوال اٿاريا پر فوري جنگ بندي جو مطالبو به ڪري ڇڏيو.
پريانڪا گانڌي سوشل ميڊيا تي پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته غزا جي حل لاءِ فوري جنگ بندي گھڻي ضروري آهي ۽ جيڪڏهن جنگ بندي نه ٿي ته عالمي برادري ۽ ادارا پنهنجو جواز وڃائي ويندا.
ڀارتي اپوزيشن جماعت ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري پريانڪا گانڌي پنهنجي بيان ۾ چيو ته غزا ۾ 10 هزار شهرين جو قتل عام ڪيو ويو جن ۾ 5 هزار معصوم ٻارشامل آهن. غزا جي صورتحال ڀوائتي ۽ شرم جوڳن لفظن کان اڳتي وڌي وئي.
پريانڪا گانڌي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ چيو ته غزا ۾ خاندان جا خاندان اجڙي ويا. اسپتالن، ايمبولينسن ۽ پناهگيرڪميپن تي به بمباري ڪئي پئي وڃي.
ڀارتي اپوزيشن اڳواڻ ان صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي اهو به چيو ته نالي ماتار ”آزاد“ دنيا غزا ۾ نسل ڪشي تي مالي سهڪار ۽ حمايت جاري رکيون ويٺي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.