ڪتاب ” ڪراچيءَ جي تاريخ“ جو مختصر اڀياس

امين جويو

پروفيسر اعجاز قريشي جو هي ڪتاب  تازو هن ئي سال (2023ع ) جي آڪٽوبر واري مهيني ۾ ” سنسار پبليڪيشن “ وارن ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. ليکڪ جي هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ جي قديم دور کان وٺي جديد دور تائين واري معلومات شامل آهي، جنهن ۾ هن ڪراچي بابت لکيل ڪجهه تاريخدانن جا ليکَ ترجمو پڻ ڪيا آهن.

ليکڪ پنهنجي هن ڪتاب جي ارپنا هنن لفظن سان ڪئي آهي ته ؛ ” ڪراچيءَ کي ڳوٺ کان شهر بنائڻ ۽ ان جي تعمير ۽ ترقيءَ لاءِ جدوجهد ڪندڙ شخصيتن ؛ سيٺ ڀوڄو مل ( ڪانهريءَ ، دادو) ، مورڙو ميربحر ، سائين جي ايم سيد ، سيٺ هرچند راءِ وشنداس ، جمشيد مهتا ، بارٽل فريئر ، قاضي خدا بخش ، حڪيم محمد احسن ، محمد هاشم گذدر، گُل حسن ڪلمتي، خدا ڏنو شاهه ، شفيع محمد ڄاموٽ ، عارف حسن ۽ ڪراچيءَ بابت تحقيقي ڪم ۾ منهنجو ساٿ ڏيندڙ نوجوان محقق ، اديب ثناءُ الله سومري جي نالي“ .

هن ڪتاب جو مهاڳ سنڌ جي نالي واري تاريخدان ڊاڪٽر غلام محمد لاکي لکيو آهي . جنهن ۾ هو سنڌ جي تواريخ جو مختصر جائزو پيش ڪرڻ کان پوءِ لکن ٿا ته ؛ ”محترم اعجاز قريشي صاحب جي جاکوڙ جاري آهي، جنهن طرح هن صاحب ڪراچيءَ بابت ، سنڌي مواد جي ميڙا چونڊي ڪري هي ڪتاب تيار ڪيو آهي، ان لاءِ هو جس لهڻي ٿو. هن ۾ شامل هر هڪ مضمون اهم ۽ خاص آهي“.

هن ڪتاب جا پيش لفظ محترم رئوف نظاماڻي صاحب لکيا آهن ، جنهن ۾ هن پراڻي ڪراچي کان وٺي هاڻوڪي ڪراچي جو نقشو ڏاڍي دلچسپ ۽ پيرائتي نموني سان چِٽيو آهي ۽ ٻين لفظن ۾ ڄڻ ته ڪراچيءَ جي ماضي ۽ حال جو مختصر منظرنامو پيش ڪيو اٿن.

جڏهن ته هن ڪتاب جو بيڪ ٽائيٽل ؛ پروفيسر ڊاڪٽر تنوير جوڻيجي صاحب لکيو آهي. جنهن ۾ هو پروفيسر اعجاز قريشي صاحب جي زندگي ۽ ڪمن جو مختصر احوال لکڻ کان پوءِ چون ٿا ته ؛ ” اعجاز قريشي نهايت مخلص ۽ هڏ ڏوکي انسان آهي. کيس رشتن جي سڃاڻپ آهي، رشتا بنائڻ ۽ انهن کي نڀائڻ آهي. سندس عِلمي ادبي پورهيو سگهارو آهي. سندس اهم ڪتابن ۾ جديد سنڌ جي تاريخ ، ون يونٽ ۽ سنڌ ، ڪراچيءَ جو ڪيس ، چار مارچ ۽ سنڌي شاگرد جدوجهد ۽ جديد سنڌ جي اقتصاديات سميت ٻيا ڪيترائي ڪتاب شامل آهن. سندس ڪتابن جا انگريزي ۽ اڙدو ٻولين ۾ ترجما پڻ ٿي چڪا آهن“.

هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي پنهنجي لکيل مضمون جو عُنوان ؛ ”ڪراچيءَ جي مالڪي ۽ تاريخي حقيقتون“ آهي ، جنهن ۾ هن ڏاڍي دلچسپ ۽ حقيقتن تي ٻڌل دليلن ذريعي ڪراچيءَ تي پنهنجي مالڪي جي ڳالهه ڪئي آهي ۽ آخر ۾ ڪجهه اهم صلاحون به ڏنيون اٿس ، جن تي عمل ڪري سنڌي ٻوليءَ کي ڪراچيءَ ۾ عام ڪري سگهجي ٿو.

ان کان سواءِ هن ڪتاب ۾ جيڪي مضمون سنڌي ٻوليءَ ۾ سرجيل آهن؛ اهي ترتيب وار هن ريت آهن ؛ ”مولانا دين محمد وفائي جو مضمون ”ڪراچي“ ، ڪاڪي ڀيرو مل مهرچند آڏواڻيءَ جو ” ڪراچيءَ جي ڪهاڻي“ ، ڊاڪٽر غلام علي الانا جو ”ڪراچي – هڪ قديم ، امن پسند ۽ ثقافتي شهر“ ، ڊاڪٽر غلام محمد لاکي جو ”ڪراچي شهر جي اوائلي تاريخ“ ، تاج صحرائي جو ”ڪولاچي- ڪلاچي-ڪراچي“ ، وحيد صديقي جو ”ڪراچي لفظ ۽ ضلعي بابت ڪي حقيقتون“ ، گُل حسن ڪلمتي جو ”ڪراچي – تاريخ جي وساريل ورقن مان“ ۽ نصير ميمڻ جو ”ڪراچي 1947ع کان اڳ“ شامل آهن.

جڏهن ته ٻين ٻولين منجهان سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ٿيل مضمونن ۾ ؛ ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو مضمون ”ڪراچيءَ جي قدامت“ ، ايم ايڇ پنهور صاحب جو ”ڪراچيءَ جي قدامت جو اهڃاڻ“ ، حنيف رضا جو ”ڪراچي- بهادر مورڙي جو شهر“ ، ڊاڪٽر سيد رضوان عليءَ جو ”ڪراچيءَ جي تاريخي حيثيت – هڪ نئون انڪشاف“ ، پروفيسر ايڇ سي ملڪاڻي جو ”انگريزن جي سنڌ فتح ڪرڻ وقت ڪراچيءَ جون برآمدات ، درآمدات ۽ روينيو“ ، نجيندراناٿ جو ” 1935 وارو ڪراچي“ ، ماڻڪ پٿاوالا جو ”ڪراچيءَ جو تعارف“ ، چيتن ماڙي والا جو ”ڪراچي“ ، مهر افتخار وينس جو ؛ ”ڪراچيءَ تي هڪ نظر“ ، عبدالغفور کتريءَ جو ”ڪراچيءَ جي مختصر تاريخ-پراڻودور“ ، ۽ عارف حسن جو ”برطانيا کان اڳ ، ڪراچيءَ جا مالي وسيلا “ شامل آهن.

هن ڪتاب جي نئين ۽ خاص ڳالهه اها آهي جو آخر ۾ ڪتاب ۾ شامل سڀني ليکڪن ۽ ترجمي نگارن جو مختصر تعارف پڻ ڏنو ويو آهي. ٻه سئو اٺاسي صفحن تي مشتمل هن ڪتاب ۾ ڪراچيءَ بابت تمام اهم ۽ تواريخي ڳالهيون لکيل آهي ۽ پروفيسر اعجاز قريشي صاحب وڏي محنت ۽ جفاڪشي سان جيڪي ناياب ليک سنڌي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪري هن ڪتاب ذريعي پڙهندڙن اڳيان پيش ڪيا آهن ان لاءِ کيس جس هجي. جنهن کي به مٿي بيان ڪيل مضمونن ۾ موجود ڄاڻ حاصل ڪرڻي هجي ان کي هي ڪتاب خريد ڪري ضرور پڙهڻ گهرجي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.