ناڻي جي پهچ وڌائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ ۽ عرب مانيٽري فنڊ ۾ معاهدو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ناڻي جي پهچ وڌائڻ لاءِ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ عرب مانيٽري فنڊ وچ ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون ويون.
اسٽيٽ بئنڪ گورنر جميل احمد ۽ عرب مانيٽري فنڊ جي ڊائريڪٽر جنرل عبدالرحمان بن عبدالله ابو ظهبي ۾ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحون ڪيون.
يادداشت عرب علائقائي ادائيگي جي نظام بونا (Buna) ۽ پاڪستان جي فوري ادائيگي جي نظام راست وچ ۾ سهڪار جو فريم ورڪ قائم ڪرڻ لاءِ آهي.
نظام جڙڻ سان ناڻي جي منتقلي باضابطا چئنلز سان سولائي سان ٿي سگهندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.