”خدا ڄاڻي ڪنهن فخر کي ٻاهر ويهارڻ جو فيصلو ڪيو هو“ سهواگ حيران

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ پاڪستاني ٽيم جي اوپنر فخر زمان کي ورلڊ ڪپ جون شروعاتي ميچون نه کيڏائڻ تي حيرت جو اظهار ڪيو آهي.
آءِ سي سي ورلڊ ڪپ جي اهم ميچ ۾ نيوزيلينڊ طرفان مليل 402 رنسن جي هدف کانپوءِ فخر زمان طوفاني اننگز کيڏندي 63 بالن تي سينچري اسڪور ڪئي.
فخر زمان جي جارحاڻي بيٽنگ تي ڀارتي به تعريف ڪرڻ بنا نه رهي سگهيا.
اڳوڻي ڀارتي ڪرڪيٽر وريندر سهواگ، فخر زمان بابت پيغام شيئر ڪندي لکيو ته هو پاڪستان جو بهترين بيٽر آهي، هن اڄ ڇا ته زبردست اننگز کيڏي آهي.

اڳوڻي اوپنر حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته خدا ڄاڻي ڪنهن فخر زمان کي ٽورنامينٽ جي اهم مرحلي تي ٻاهر ويهارڻ جو فيصلو ڪيو هو.
سهواگ، فخر جي تعريف ڪندي چيو ته ان ۾ پروٽين جي به کوٽ ناهي ۽ جذبي جي به.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.