پيرس (ويب ڊيسڪ) فرانس غزا لاءِ عالمي انساني ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب سفارتي ذريعن ٻڌايو آهي ته فرانس 9 نومبر تي غزا ۾ شهري آبادي لاءِ هڪ عالمي انساني ڪانفرنس جي ميزباني ڪندو.
فرانسيسي صدر ايمانوئل ميڪرون به غزا لاءِ عالمي انساني ڪانفرنس جي تصديق ڪئي آهي.
ميڊيا رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو آهي ته اها ڪانفرنس سربراهه ملڪن، حڪومت ۽ پرڏيهي وزيرن جي سطح تي ٿيندي جنهن ۾ روس کي ڇڏي علائقائي اسٽيڪ هولڊرز مصر، اردن، نار ۽ ععرب ملڪن سان گڏوگڏ اولهه، يورپي طاقتون ۽ جي 20 ميمبرن کي به دعوت ڏني ويندي.
سفارتڪارن جو چوڻ آهي ته ڪانفرنس ۾ گڏيل قومن ۽ عرب ليگ سوڌو عالمي ادارا ۽ غزا ۾ ڪم ڪندڙ غير سرڪاري تنظيمون به شرڪت ڪنديون.
رپورٽس موجب ڪانفرنس ۾ فلسطين جي انتظاميا به شريڪ ٿيندي جڏهن ته اسرائيل کي دعوت نه ڏني ويندي.
سفارتڪارن جو چوڻ هو ته فرانس ڪانفرنس ذريعي گھيري هيٺ فلسطينين لاءِ امداد جوڙڻ چاهي ٿو، ڪانفرنس ۾ فلسطين جي ماڻهن لاءِ انساني امداد موڪلڻ جي حوالي سان ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي جڏهن ته فلسطين کي بجلي، پاڻي ۽ ٻارڻ جي سپلاءِ جي مسئلن تي غور ويچار ڪيو ويندو.
You might also like