نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس ايمولينسن تي اسرائيلي حملن تي خوف جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ بيان ۾ انتونيو گوتريس چيو ته الشفا اسپتال ٻاهران ايمبولينسن جي قافلي تي اسرائيلي حملي مان انتهائي ڊنل آهي.
هن چيو ته اسپتال ٻاهران لاش کي پيل ڏسڻ ڀوائتو آهي.
گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل فوري طور تي تڪرار کي روڪڻ جو مطالبو ڪيو.