لاڙڪاڻو (عوامي آواز نيوز) لاڙڪاڻي شھر ۾ افغانين جي موجودگي جي خبر عوامي آواز ۾ لڳڻ بعد ضلعي انتظاميا تحرڪ ۾ اچي وئي.
عوامي آواز جي خبر کانپوءِ لاڙڪاڻو انتظاميا جاڳي پئي، ايس ايس پي سيد عبداالرحيم شيرازي پاران شھر جي سمورن ٿاڻن تي مقرر ايس ايڇ اوز کي ڌارين خلاف سخت ڪارروائي جو حڪم جاري ڪيو ويو آھي.
پوليس طرفان شھر جي داخلي توڙي خارجي رستن تي چوڪسي کي سخت ڪندي سڃاڻپ رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.
ضلعي انتظاميا جو موقف آهي ته ڪارروائي کان اڳ ڌاريا ضلعي بدر ٿي ويا آھن، جن جا ڪاروبار مھلت کان اڳ بند آھن.
Prev Post
You might also like