اسرائيل جا اسپتالن ۽ مريضن کڻي ويندڙ ايمبولنسن تي حملا، وڏي انگ ۾ شهادتن جو خدشو

غزا (ويب ڊيسڪ) اسرائيل جي قابض فوج غزا ۾ القدس اسپتال جي چوڌاري بمباري جي ڪجهه منٽن بعد الشفا اسپتال جي گيٽ تي بم ڪيرائي ڇڏيا جنهن سبب وڏي انگ ۾ فلسطينين جي شهيد ۽ زخمي ٿيڻ جو امڪان آهي.
اسرائيلي فوج الشفا اسپتال تي بمباري جو اعتراف ڪندي چيو ته حماس جي دهشتگردن کي نشانو بڻايو ويو آهي پر فلسطيني صحت واري وزارت اسرائيلي دعوائن کي رد ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي فوج زمين کي کڻي ويندڙ ايمبولينسن کي نشانو بڻايو آهي.
فلسطيني صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ هو ته اسرائيل طرفان الشفا اسپتال مان نڪتل ايمبولينسن جي قافلي کي نشانو بڻايو ويو، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ شهادتون ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پر شهيدن يا زخمين جي انگ بابت ناهي ٻڌايو ويو.
اسرائيل طرفان دعويٰ ڪئي وئي آهي ته حملي جو نشانو بڻايل ايمبولينس حماس طرفان ويڙهاڪ ۽ هٿيارن جي منتقلي لاءِ استعمال ڪئي پئي وڃي، پر اسرائيل پنهنجون دعوائون ثابت ڪرڻ لاءِ ڪي به شاهديون پيش ناهن ڪيون.
اسرائيل الزام لڳايو هو ته حماس الشفا اسپتال کي پنهنجي ڍال جي طور تي استعمال ڪري ٿي ۽ اها حماس جي سرنگهن جي چار جو گيٽ وي آهي پر الشفا اسپتال انتظاميا اسرائيلي الزامن کي رد ڪري ڇڏيو هو.
اسرائيل طرفان الشفا اسپتال تي حملو ڪري ايمبولينس کي نشانو بڻائڻ تي ردعمل ڏيندي صحت جي عالمي اداري جي ڊائريڪٽر سوشل ميڊيا پوسٽ ۾ مريضن کي منتقل ڪندڙ ايمبولينس تي حملي تي صدمي جو اظهار ڪندي چيو ته طبي عملي ۽ طبي مرڪزن کي تحفظ ملڻ گھرجي.
واضح رهي ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين غزا تي اسرائيلي حملن ۾ 3 هزار 826 ٻار ۽ 2 هزار 405 عورتن سميت شهيد فلسطينين جو گڏيل انگ 9 هزار 227 ٿي ويو آهي جڏهن ته 6 هزار 360 ٻارن ۽ 4 هزار 981 عورتن سميت زخمين جو گڏيل انگ 32 هزار 516 کان وڌيڪ چڪو آهي.
اختيارين طرفان اسرائيلي حملن سان اسپتالن، طبي عملي ۽ صحت جي مرڪزن جي نقصانن بابت انگ اکر جاري ڪندي چيو ويو هو ته 7 آڪٽوبر کان هيل تائين اسرائيلي بمباري ۾ 136 طبي ورڪرز شهيد جڏهن ته 25 ايمبولينسون تباهه ٿي چڪيون آهن.
بيان ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته اسرائيل طرفان هيل تائين غزا جي اسپتالن تي 126 جڏهن ته طبي مرڪزن تي 50 حملا ڪيا ويا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.