واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ۾ ارب پتي ڪمپني جي سالگرهه جو جشن ملهائڻ لاءِ مالڪ پنهنجن ملازمن کي اهڙو سرپرائز ڏنو جو حيران ٿي ويا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽس موجب آمريڪي انويسٽمينٽ ڪمپني جي باني ۽ سي اي او ڪمپني جي سالگرهه تي 1200 ملازمن کي پنهنجي خرچ تي جپان جي ڊزني لينڊ موڪلن تي موڪلي ڇڏيو.
نيويارڪ پوسٽ جي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آمريڪي ملٽي نيشنل ڪمپني جي ارب پتي سي اي او ڪين گريفن 1200 ملازمن ۽ سندن ٻارن کي ٽوڪيو جي ڊزني ورلڊ ۾ ٽي ڏينهن گھمڻ لاءِ موڪلي ڇڏيو آهي.
27 کان 29 آڪٽوبر تيرٿيل ڪمپني جي سالگرهه جي جشن ۾ ڪمپني جا 6 ملڪن سان واسطو رکندڙ ملازم شريڪ هئا.
ڪمپني جي مالڪ جي خرچ تي ملازمن پنهنجي زال ۽ ٻارن سان گڏ ٽوڪيو ڊزني لينڊ ۽ ڊزني سي ٻنهي جودورو ڪيو.