ملڪ کي اونداهين مان ڪڍنداسين: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو آهي ته ملڪ کي اونداهين مان ڪڍنداسين.
ن ليگ قائد نواز شريف جاتي امرا ۾ پارٽي اڳواڻن سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو.
ان موقعي تي نواز شريف چيو ته اڳ ۾ به ملڪ کي ترقي جي رستي تي آندوسين، هاڻ به ائين ئي ٿيندو.
هن چيو ته پاڪستاني عوام سان جيڪو ٿيو، اهو ڪنهن دشمن به نه سوچيو هوندو، اسان کي عوام جي ڏکيائين جو احساس آهي.
سندس چوڻ هو ته چونڊن ۾ ڀرپور نموني حصو وٺنداسين ۽ ملڪ کي اونداهين مان ڪڍنداسين.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.