سمارٽ فونز جي ڀرمار سبب هاڻي روز اربين تصويرون ڪڍيون وينديون آهن ۽ جن مان ڪروڙين سوشل ميڊيا يا ٻين سروسز تي پوسٽ به ڪيون وينديون آهن.
پر پوءِ به هڪ تصوير يا فوٽوگراف اهڙو آهي جنهن وٽ دنيا ۾ سڀ کان وڌي ڏٺي ويندڙ جو اعزاز آهي.
وڌيڪ امڪان اهو ئيآهي تهاوهان به ان کي ڏٺو هوندو، ڇا اوهان اندازو لڳائي سگھو ٿا ته اها ڪهڙي تصوير آهي؟
يقين ڪرڻ ڏکيو هوندو پر اهو اعزاز مائڪرو سافٽ جي آپريٽنگ سسٽم ونڊوز ايڪس پي جي ڊيفالٽ وال پيپر bliss وٽ آهي.
جي ها واقعي اها ته خبر ناهي ته هيل تائين ڪيترن ماڻهن ان تصوير کي ڏٺو آهي پر هڪ ڪاٿي موجب اهوانگ اربن ۾ هوندو.
آڪٽوبر 2021ع ۾ مائڪرو سافٽ ونڊوز ايڪس پي کي رٽائر ڪري ڇڏيو هو پر ان تصوير جو رڪارڊ اڃا به برقرار آهي.
ان تصوير کي چارلس او ريئر نالي فوٽوگرافر 1998ع ۾ ان وقت ڪڍيو جڏهن هو آمريڪي رياست ڪيليفوريا جي علائقي Sonomaکان Marin وڃن لاءِ گاڏي ۾ سفر ڪري رهيو هو.
هو اتي هڪ عورت ڊيفني سان ملڻ وڃي رهيو هو جيڪا بعد ۾ سندس زال بڻجي وئي هئي.

اهو جنوري جو مهينو هو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان اتي برسات ٿي رهي هئي جنهن سبب Napa جو علائقو گھڻو سرسبز ٿي ويو هو.
سفر دوران فوٽوگرافر اوچتو گاڏي روڪي ڇو جو سامهون روڊ تنگ هو ۽ هوا تيز گھلي رهي هئي.
هن چوڌاري ڏٺو ته هڪ لوڙهو نظر اچي رهيو آهي جنهن جي پٺيان سائي ٽڪري موجود هئي ۽ ان موقعي تي هن پنهنجي اها منشور تصوير bliss ڪڍي هئي.
هڪ انٽرويو ۾ هن ٻڌايو ته آئون گاڏي مان ٻاهر نڪتس ۽ ڪجهه تصويرون ڪڍيون ۽ پوءِ سفر شروع ڪيو، هاڻ اهو سفر تاريخ جو حصو بڻجي چڪو آهي.
2000ع ۾ مائڪرو سافٽ ڪمپني طرفان ونڊوز ايڪس پي کي متعارف ڪرائڻ جون تياريون ڪيون پئي ويون جنهن ۾ ماضي جي آپريٽنگ سسٽمز جي اهم فيچرز کي گڏ ڪيو ويو هو.
چارلس او ريئر هڪ اسٽاڪ فوٽو سروس کي استعمال ڪري پنهنجي تصوير جو لائيسنس وڪرو ڪندو هو.
ان اسٽاڪ فوٽو سروس جو مالڪ ان وقت مائڪرو سافٽ جو باني بل گيٽس هو.
فوٽوگرافر موجب مون خبر ناهي ته آپريٽنگ سسٽم جي ڊيفالٽ وال پيپر لاءِ هن ڪيترين تصويرن کي ڏٺو.
پر مائڪرو سافٽ bliss جي چونڊ ڪئي ۽ چارلس او ريئر کي معاوضو به ڏنو ويو، پر هن ڪڏهن به نه ٻڌايو ته اها رقم ڪيتري هئي.
هن دعويٰ ڪئي ته اهو هنڌ بلڪل ائين ئي نظر اچي پيو جيئن اوهان تصوير ۾ ڏسندا آهيو، ان ۾ ڪجهه به تبديل ناهي ڪيو ويو.

هن موجب مون کي ڪمپني طرفان اي ميل ڪئي وئي هئي ته اسان ۾ اهو بحث هلي رهيو آهي ته اها تصوير فوٽوشاپ سان تبديل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته ڪجهه جو خيال آهي ته اها اوڀر واشنگٽن ۾ ڪڍي وئي، آئون ان جو جواب ڏيندي چيو ته اها هڪ حقيقي تصوير آهي آئون ان ۾ ڪجهه به تبديل ناهي ڪيو.
ان اي ميل جي هڪ هفتي بعد کيس ڪمپني طرفان ان تصوير جي پرنٽ موڪلي چيو ويو ته ان تي صحيح ڪري واپس موڪلي ڇڏيو.