برطانوي هاءِ ڪمشنر جو پشاور ۽ نوشهرا جو دورو

برطانوي هاءِ ڪمشنر پنهنجي خيبرپختونخواهه جي دوري دوران اقليتن جي حقن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي جي واڌ لاءِ برطانيا جي حمايت جو عزم ڪيو.

پهرين نومبر اڱاري واري ڏينهن تي برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ پشاور ۽ نوشهرا جو دورو ڪيو.پنهنجي دوري دوران هن گڏيل مذهبي هم آهنگي، اقليتن جي حقن، سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ علائقائي استحڪام جي حمايت جي لاءِ برطانيا جي عزم کي واڌ ڏيڻ لاءِ ملاقاتن ۽ تقريبن جي سلسلي ۾ مصروف رهي.

سندس دوري جي شروعات تاريخي مهابت خان مسجد کان ٿي، جتي هن ۽ مولانا طيب قريشي ثقافتي ورثي جي احترام ۽ گڏيل مذهبي ڀائيچاري کي فروغ ڏيڻ جي اهميت تي زور ڏنو. انکانپوءِ هن گڏيل قومن جي ترقياتي ڪمن ۽ خيبر پختونخواهه جي حڪومت جي عهديدارن سان ملاقات ڪئي ته جيئن نئين ضم ٿيل ضلعن ۾ سرحدي نظم و ضبط ۽ رابطن جي مٽاسٽا جو خيال ڪري سگهجي.

ڪي پي ڪي ۾ وقت سر عام چونڊن جي اهميت ۽ سيڪيورٽي جي معاملن تي جين ميريٽ ۽ ڪي پي ڪي جي نگران وڏي وزير ۾ خيالن جي ڏي وٺ پڻ ٿي جنهن کانپوءِ حڪومت ۽ ڪاروباري لاڳاپن کي بهتر بڻائڻ واري ذزائن جي هڪ آن لائين پورٽلGoBiz   جي شروعات ڪئي وئي.

هن نوشهرا ۾ يو ڪي جي مدد سان هلندڙ مالي امداد آواز II ۽ DafPak  جي عملدارن سان پڻ ملاقات ڪئي. جنهن دوران نسلي بنيادن تي تشدد، اقليتين جي حقن واري مسئلن، ننڍي عمر جي شادين ۽ ڏورانهين علائقن ۾ صحت جي خدمتن جي فراهمي جي لاءِ برطانيا جي حمايت جو اظهار ڪيو.

برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ چيو ته هي دورو نه رڳو اسان جي اقتصادي ترقي، علائقائي استحڪام ۽ گڏيل مذهبي ڀائيچاري کي واڌ ڏيڻ جي بنياد تي هو پر پاڪستان جي ماضي ۽ ان جي مستقبل بابت به هو. مهابت خان مسجد جي خوبصورتي مونکي حيران ڪري ڇڏيو آهي جيڪا پاڪستان جي شاندار ثقافتي ورثي جو ثبوت آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.