عام چونڊون: اليڪشن ڪميشن جو جلد آو اوز جي مقرري جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عام چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن جلد آر اوز مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، اليڪشن ڪميشن نومبر جي وچ ۾ ڊي آر اواز ۽ آر آوز جي مقرري جو امڪان ظاهر ڪري ڇڏيو.
اليڪشن ڪميشن کي عدليا مان ڊي آر اوز ۽ آر اوز جون فهرستون وصول ٿي ويون آهن، اليڪشن ڪميشن بيورو ڪريسي جي آفيسرن جون فهرستون به تيار ڪري ورتيون آهن.
آر اوز عدليا مان يا بيورو ڪريسي مان هوندا، حتمي فيصلو اليڪشن ڪميشن جلد ڪندي.
اليڪشن ڪميشن جي آر اوز جي مقرري کانپوءِ رٽرننگ آفيسرن کي نومبر جي ٽئين هفتي ۾ ٽريننگ ڏني ويندي، اليڪشن ڪميشن آر اوز جي مقرري کانپوءِ ڊرافٽ پولنگ اسڪيم آر اوز کي فراهم ڪندي، آر اوز عام چونڊن لاءِ حتمي پولنگ اسڪيم تيار ڪندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.