اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پ پ جي سينيئر اڳواڻ فرحت الله بابر چيو آهي ته چونڊن جي تاريخ ڏيڻ سٺو سنئوڻ آهي، بهتر هو ته چونڊون 90 ڏينهن ۾ ٿي وڃن ها.
اليڪشن ڪميشن ۾ غير رسمي گفتگو ڪندي فرحت الله بابر چيو ته اليڪشن ڪميشن فوري طور سڀني سياسي جماعتن جو اجلاس گهرائي، سڀني سياسي پارٽين کي هڪ پيج تي آڻڻو پوندو.
هن چيو 2018 جي چونڊن ۾ اسان ڏٺو ته ليول پليئنگ فيلڊ نه ملي، رڳو تاريخ ڏيڻ مسئلي جو حل ناهي، صاف شفاف ۽ آزاد چونڊون ضروري آهن.
سندس چوڻ هو ته سڀني سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، جيڪڏهن سياسي پارٽين کي ليول پليئنگ فيلڊ نٿي ملي ته چونڊون شڪي هونديون ۽ جيڪا پارليامينٽ ٺهندي، اها عوام جي نمائندگي نه ڪندي.
فرحت الله بابر چيو ته پرامن چونڊون ڪرائڻ وڏي ذميواري آهي، جيڪو ڪم اليڪشن ڪميشن اڪيلي سر نٿي ڪري سگهي، سڀني سياسي پارٽين، سول سوسائٽي نمائندن ۽ ادارن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
You might also like