عمران خان کي پٽن سان واٽس ايپ تي ڳالهائڻ جي اجازت ملي وئي

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي ڇنڇر ڏينهن واٽس ايپ تي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.
آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ جي خاص عدالت جي جج ابولحسنات ذوالقرنين پي ٽي آءِ چيئرمين جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.
شيراز احمد رانجها ايڊووڪيٽ ذريعي داخل درخواست جي ٻڌڻي دوران موقف اختيار ڪيو ويو ته عدالت اڳ به پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي چڪي آهي، ڇنڇر ڏينهن پٽن سان واٽس ايپ تي ڳالهائڻ جي خاص اجازت ڏني وڃي.
عدالت ڇنڇر 4 نومبر تي پي ٽي آءِ چيئرمين کي پٽن سان ڳالهائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.