گھڻو مٺاڻ کائڻ جا 12 وڏا نقصان ڪهڙا آهن؟

کنڊ جو استعمال موجودا دور ۾ عام آهي پر غذا ۾ ان جو گھڻي مقدار مختلف مرضن جو خطرو وڌائي ٿو.
هونئن ته ميون ۾ به قدرتي مٺاڻ هونود آهي پر اهو کنڊ جيترو هاڃيڪار ناهي هوندو.
حقيقت ۾ موجودا دور ۾ ماڻهو ضرورت کان وڌيڪ کنڊ کائڻ جا عادي ٿي چڪا آهن ۽ اهو مٺاڻ زهر جو ڪم ڪندو آهي.
صحت جي عالمي اداري 2015ع ۾ ماڻهن کي مشورو ڏنو هو ته سڄو ڏينهن خوراڪ مان جيتريون ڪيلوريز حاصل ڪندا آهيون، ان جو 5 سيڪڙو کان گھٽ حصو کنڊ تي ٻڌل هجي.
سولن فلظن ۾ روز 6 چمچن کان وڌيڪ کنڊ جو استعمال نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.
هاڻي اهو ڄاڻي وٺو ته کنڊ جو گھڻو استعمال اوهان کي ڪهڙن مرضن جو شڪار بڻائي سگھي ٿو.

جسماني وزن وڌڻ

سڄي دنيا ۾ ٿولهه جي شرح گھڻي تيزي سان وڌي رهي آهي ۽ شاهدين مان اشارو ملي ٿو ته کنڊ خاص طور تي مٺن شربتن جو استعمال ان جو سڀ کان وڏو سبب آهي.
سوڊا، جوس ۽ ٻين مٺن شربتن جي استعمال سان بک وڌندي آهي.
ان سان گڏوگڏ انهن شربتن ۾ ڪيلوريز به تمام گھڻيون هونديون آهن جنهن سان جسماني وزن وڌندو آهي.
تحقيقي رپورٽن مان اهو به ثابت ٿيو آهي ته کنڊ جو گھڻو استعمال ٿولهه ۽ شگر ٽائيپ 2 مانمتاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائيندو آهي.

دل جي مرضن جو خطرو وڌي ٿو

هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته جيڪي ماڻهن کنڊ جوگھڻو استعمال ڪندا آهن انهن ۾ دل جي مرضن سبب موت جو خطرو 38 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.
ٻين تحقيقي رپورٽن موجب مٺين غذائن جي گھڻي استعمال سان جسماني وزن ۽ سوڄ وڌندي آهي جڏهن ته رت ۾ سڻڀ جو مقدار به وڌي ويندو آهي، اهي سڀ دل جا مرض وڌائيندڙ عنصر آهن.

داغ داڻا

2018ع جي هڪ تحقيق ۾ ثابت ٿيو هو ته هر هفتي 7 ڀيرا مٺا شربت پيئندڙن کي داغ ۽ داڻا وڌيڪ ٿيندا آهن.
2019ع جي هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته کنڊ جو استعمال گھٽائي داغن ۽ داڻن جو خطرو گھٽائي سگھجي ٿو.
مٺين شين سان بلڊ شگر ۽ انسولين جي سطح ۾ گھڻي تيزي سان اضافو ٿيندو آهي جنهن جي ڪري جسم ۾ آئل بڻجڻ جو عمل تيز ٿيندو آهي، جنهن سان داغ ۽ داڻا اڀرندا آهن.

شگر ٽائيپ 2 جو خطرو

هڪ تحقيق ۾ ٻڌايو ويو هو ته خوراڪ ۾ کنڊ جو وڌيڪ استعمال شگر ٽائيپ 2 جو شڪاربڻائي سگھي ٿو جڏهن ته انسولين جي مزاحمت کي به منهن ڏيڻو پئجي سگھي ٿو.
ان سان گڏوگڏ ٿولهه سان به شگر ٽائيپ 2 جو خطرو وڌندو آهي ۽ مٿي بيان ڪيو ويوآهي ته گھڻو مٺاڻ کائڻ سان جسماني وزن ۾ اضافو ٿئي ٿو.

ڪينسر کي به منهن ڏئي سگھجي ٿو

کنڊ جو گھڻو استعمال جسماني سوڄ ۽ ٿولهه جو سبب بڻبوآهي ۽ اهي عنصر ڪينسر جو خطرو وڌائيندا آهن.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته مٺن شربتن جي استعمال سان ڪينسر جو خطرو وڌندو آهي.
هڪ ٻي تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته جيڪي ماڻهو مٺا شربت پيئڻ جا عادي هوندا آهن ۽ انهن جي پيٽ نڪتل هوندو آهي ته ڪجهه قسمن جي ڪيسنر جو خطرو 59 سيڪڙو تائين وڌي ويندو آهي.

ڊپريشن

صحت لاءِ فائديمند غذا سان مزاج تي خوشگوار اثر پوندا آهن، پر کنڊ سان ڀرپور غذائن جو استعمال ذهني صحت تي ناڪاري اثر وجهندو آهي.
گھڻي مٺي جو استعمال کي دماغي ڪمزوري، يادداشت جي مسئلن ۽ ذهني مرضن انزائٽي ۽ ڊپريشن جو سبب قرار ڏنو ويندو آهي.
محققن جو مڃڻ آهي ته جسماني سوڄ، انسولين جي مزاحمت ۽ ٻين مسئلن سان ذهني صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

گھنج

کنڊ جي گھڻي استعمال جي نتيجي ۾ کَلَ ۾ موجود اهم هارمون ڪوليگن تي به ناڪاري اثر پوندا آهن.
تحقيقي رپورٽن موجب گھڻو مٺو جي عادت وقت کان اڳ پوڙهائپ جو شڪار بڻائي ٿي جنهن جي ڪري گھنج ظاهر ٿين ٿا.

جيوگھرڙن جي عمر تيزي سان وڌي ٿي

ٽيلوميئرز ڪروموسومز ۾ موجود هوندا آهن جيڪي اوهان جي سڀني جينياتي تفصيلن کي محفوظ ڪندا آهن.
ٽيلوميئرز ڪروموسومز کي نقصان رسائڻ کان بچائينداآهن پر عمر ۾ واڌ سان ٽيلوميئرز جي ڊيگهه گھجڻ لڳندي آهي جنهن سان جيوگھرڙن جا فعل جيئنجو تيئن ڪمزوري جو شڪار ٿيندا آهن.
پر گھڻو مٺو کائڻ جي عادت سان اهو عمل وقت کان شروع ٿيويندو آهي جنهن سان جيوگھرڙن جي عمر تيزي سان وڌڻ لڳندي آهي.

جسماني توانائي ۾ گھٽتائي

کنڊ سان ڀرپور غذائن جي استعمال سان بلڊ شگر ۽ انسولين جي سطح ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو آهي جنهن سان عارضي طور تي توانائي وڌي ويندي آهي.
پر توانائي ۾ اضافو گھڻي تيزي سان گھٽجندو به آهي جنهن سبب ٿڪ ۽ ڪمزوري جهڙن احساسن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي.
بلڊ شگر جي سطح ۾ لاڳيتو اضافو ۽ گھٽتائي سان به جسماني توانائي تي ناڪاري اثر پوندا آهن.

جيري جي چرٻي جو مرض

گھڻو مٺاڻ کائڻ جي عادت سان جيري جي صحت تي ناڪاري اثر پوندا آهن ڇو جو ان عضوي جو ڪم ئي کنڊ کي چرٻي ۾ تبديل ڪرڻ آهي.
جيڪڏهن اوهان گھڻي مقدار ۾ کنڊ جو استعمال ڪندا آهيو ته جيرو تمام گھڻي مقدار ۾ چرٻي بڻائڻ لڳندو آهي جيڪا ان جي چوڌاري گڏ ٿي ويندي آهي.

بُڪين جا مرض

سوڊا يا سافٽ ڊرنڪس جو استعمال بُڪين لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿيندو آهي.
هڪ تحقيق ۾ دريافت ڪيو ويو ته سوڊا ۽ مٺن شربن جو گھڻو استعمال بُڪين جي دائمي مرضن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائي سگھي ٿو.

ڏند به متاثر ٿيندا آهن

کنڊ ۾ موجود بيڪٽيريا جي غذا بڻجي ويندي آهي ۽ جڏهن اهي ان کي هضم ڪندا آهن ته هڪ تيزاب خارج ڪندا آهن جيڪو ڏندن جي سطح کي متاثر ڪندو آهي.
اهو ئي سبب آهي جو جيڪي ماڻهو مٺيون غذائون کائيندا آهن انهن ۾ ڏندن جي مرضن جو خطرو تمام گھڻو هوندو آهي.
نوٽ: اهو مضمون طبي رسالن ۾ ڇپيل تفصيلن تي ٻڌل آهي، ان حوالي سان پنهنجي ڊاڪٽر سان به مشورو ضرور ڪريو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.