ميهڙ:ڳوٺ محبوب چانڊيو پرائمري اسڪول جي عمارت زبول حال، ٻارڙا پٽ تي تعليم پرائڻ تي مجبور

ميهڙ ڀرسان ڳوٺ محبوب چانڊيو جو پرائمري اسڪول حڪومت ۽ تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب مڪمل طور تي زبون حال بڻيل آهي جنهن سبب معصوم ٻارڙا پٽ تي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

ميھڙ شھر کان ھڪ ڪلو ميٽر پري قديمي ڳوٺ محبوب چانڊيو جو 1970 ۾ قائم ٿيل پرائمري اسڪول بنا بلڊنگ ۽ بنا فرنيچر جي ھلڻ لڳو حڪومت ۽ تعليم کاتي جي بي ڌياني سبب 50 سالن کان منظور ٿيل پرائمري اسڪول جي عمارت هن وقت تائين ناهي ٺهي سگھي جڏهن ته اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب سوين معصوم ٻار پٽ تي تعليم پرائڻ تي مجبور بڻيل آھن.

اسڪول جي ھيڊ ماستر سڌير احمد چانڊيو ۽ ٻين چيو ته اسڪول جي عمارت نه ھجڻ ڪري ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ تحت ڪچو ڪمرو ٺھرائي اسڪول حوالي ڪري ڇڏيو آھي جنهن ۾ ٻارڙا تعليم پرائين ٿا.

ڳوٺاڻن، استادن ۽ شاگردن سنڌ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته اسڪول جي عمارت ٺهرائي ٻارڙن جو مستقبل بچايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.