جيڪب آباد هولڊنگ ڪيمپ تان 113 غير قانوني افغاني ڊي پورٽ

جيڪب آباد ۾ غير قانوني پرڏيهين لاءِ هولڊنگ ڪيمپ قائم ڪئي وئي آهي جتي ڪراچي مان ڊي پورِٽ ڪيل 113 غير قانوني افغانين کي آندو ويو.

ڊپٽي ڪمشنر جيڪب آباد دادلو زھراڻي جي نگراني هيٺ قائم ڪيل هولڊنگ ڪيمپ تي ڪراچي مان ڊي پورٽ ڪيل 113 غير قانوني افغانين کي آندو ويو جن ۾ عورتون ۽ ٻارڙا به شامل هئا.

ضلعي انتظاميه پاران قائم ڪيل هولڊنگ ڪيمپ تي غير قانوني پرڏيهين جي نادرا عملي کان ويريفڪيشن ڪرائي وئي جڏهن ته کين خوراڪ، ميڊيڪل ٽريٽمينٽ ڏيڻ بعد چمن بارڊر ذريعي افغانستان روانو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.