غير قانوني پرڏيهين جي نيڪالي تي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پوليس اهلڪار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) غير قانوني طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ افغانين جي نيڪالي تي حڪومت تي تنقيد ڪندڙ پوليس اهلڪار بابت ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا.
ذريعن موجب دائود خان، جنهن اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر جا رينڪ لڳايا آهن، هو پوليس کاتي ۾ حوالدار آهي ۽ پاڻ کي رينڪ لڳائي اي ايس آءِ ظاهر ڪري رهيو آهي.
ڄاڻايل اهلڪار اختيارن جو ناجائز استعمال ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ٻه ڀيرا ملازمت تان به برطرف ٿي چڪو آهي ۽ اثر هلائي ٻيهر ملازمت تي بحال ٿيو.
ايس ايس پي آپريشنز جواد طارق موجب سوشل ميڊيا تي وڊيو وائرل ٿيڻ کانپوءِ اسان فوري طور نوٽيس وٺندي دائود خان سميت اي ٽي ايف جي 4 اهلڪارن کي معطل ڪري ايس پي ڪينٽ سرڪل محمد شريف کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪري 24 ڪلاڪن ۾ رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.