جسٽس عرفان سعادت سپريم ڪورٽ جي جج طور عهدي جو حلف کڻي ورتو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) جسٽس عرفان سعادت سپريم ڪورٽ جي جج طور حلف کڻي ورتو.
سپريم ڪورٽ ۾ جسٽس عرفان سعادت جي حلف برداري تقريب ٿي، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس عرفان سعادت کان عهدي جو حلف ورتو.
حلف برداري تقريب ۾ سپريم ڪورٽ جا سمورا جج، اٽارني جنرل ۽ وڪيل شريڪ ٿيا.
واضح رهي ته جسٽس عرفان سعادت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو قائم مقام چيف جسٽس هو، سندس مقرري کانپوءِ سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ 16 ٿي ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.