ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڊپٽي ڪمشنر ڏکڻ ڪيپٽن (ر) الطاف حسين ساريو پوليو جي خاتمي جي مهم کي ڪامياب بڻائڻ لاڳاپيل آفيسرن کي هدايتون جاري ڪري ڇڏيون.
ڊي سي ڏکڻ جي صدارت هيٺ جاري پوليو جي خاتمي جي مهم ۾ ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ لاءِ ڪامپليڪس ايم اي جناح روڊ ڏکڻ ڪراچي جي ڪانفرنس روم ۾ اجلاس منعقد ٿيو.
اجلاس ۾ لاڳاپيل آفيسرن ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ کي پوليو مهم دوران مختلف سب ڊويزنن ۾ پيش ايندڙ مسئلن کان آگاهه ڪيو.
ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ پوليو مهم دوران پيش ايندڙ سمورن مسئلن جون واضح رپورٽس فوري طور شيئر ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون.
ڊي سي ڏکڻ وڌيڪ چيو ته پوليو ٽيمون ۽ مانيٽرنگ آفيسرن جي گهر گهر تائين رسائي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ مهم کي 100 سيڪڙو ڪامياب بڻائڻ لاءِ پوليو ٽيمن سان هر ممڪن سهڪار ڪيو وڃي، امڪاني ڪوششون ڪيون وڃن ۽ ان سان گڏ مهم جي آخري ڏينهن تائين صبح جي وقتن ۾ مسجدن ذريعي اعلانن کي يقيني بڻايو وڃي.
ڊي سي ڏکڻ صبح جو نائين وڳي سمورين پوليو ٽيمن کي فيلڊ ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي، گڏوگڏ هن لياري ۾ مقرر ڪيل ٽي ايس سي ۽ رڪيل اي ايف پي ڪيسن کي مڪمل ڪري ويڪسين ڪرڻ ۽ لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٽيمن کي بيڪ اپ سپورٽ، اسٽوريج، هينڊلنگ، ٽرانپسورٽيشن سميت ويڪسينيشن جا مناسب انتظام يقيني بڻائڻ ۽ PMC’s ۽ انڪار ڪندڙ ڪيسن تي زور ڏيندي لاڳاپيل آفيسرن ۽ ٽيمن کي مهم جي باقي ڏينهن ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪرڻ لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ جي پڻ هدايت ڏني.
اجلاس ۾ ڪراچي ڏکڻ جي مختلف سب ڊويزنن جي اسسٽنٽ ڪمشنرن، مختيارڪارن سميت هيلٿ آفيسرن، پوليو مهم انچارجز ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن شرڪت پڻ ڪئي.
You might also like