ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي قانون، اوقاف ۽ عشر زڪوات کاتي جي نگران وزير عمر سومري حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي حاضري ڀري.
عمر سومرو حضرت عبدالله شاهه غازي جي مزار تي پهتو، جتي مذهبي معاملن ۽ عشر زڪوات کاتي جي سيڪريٽري منور علي مهيسر سندس آجيان ڪئي.
نگران وزير عمر سومري مزار تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني ڪئي، سيڪريٽري منور علي مهيسر کيس سنڌي ٽوپي ۽ اجرڪ پيش ڪيو.
انساني حقن بابت ايڊيشنل سيڪريٽري فضل حسين اويسي، چيف ايڊمنسٽريٽر اوقاف ۽ ايڊمنسٽريٽر اوقاف ڪراچي به نگران وزير سان گڏ هئا.
You might also like