ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين کي ڪڍڻ لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڪريڪ ڊائون جاري آهي.
پاڪستان جي سڀ کان وڏي شهر ڪراچي جي علائقي سهراب ڳوٺ ۾ غير قانوني طور رهندڙ پرڏيهين خلاف پوليس آپريشن ڪيو، جنهن دوران 25 ڄڻن کي حراست ۾ ورتو ويو.
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته حراست ۾ ورتل ماڻهن کي هولڊنگ سينٽر منتقل ڪيو ويندو.
هوڏانهن ايس ايس پي ايسٽ ڪراچي عرفان بهادر چيو ته غير قانونين خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي، سپر هاءِ وي گنا منڊي ۾ به گذريل رات غير قانوني پرڏيهين جي ڳولا لاءِ آپريشن ڪيو ويو.
هن ٻڌايو ته گذريل رات کان جاري ڪارروائي ۾ هيل تائين 77 پرڏيهين کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، حراست هيٺ پرڏيهين کي حاجي ڪئمپ ۾ سهولت مرڪز منتقل ڪيو ويندو.
سندس چوڻ هو ته پرڏيهين کي بسن ذريعي چمن بارڊر کان روانو ڪيو ويندو، سڀني غير قانوني پرڏيهين کي ڪڍڻ تائين آپريشن جاري رهندو.
You might also like