ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اليڪشن جو چنڊ سڀني کي مبارڪ هجي، عام چونڊن جو اعلان وڏي ڪاميابي آهي.
ڪراچي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته 8 فيبروري تي چونڊون ٿيڻ گهرجن، بهتر هو ته سپريم ڪورٽ کي مداخلت نه ڪرڻي پئي ها، ڪا هڪ اليڪشن ٻڌايو، جنهن ۾ پ پ کي ليول پليئنگ فيلڊ ملي هجي.
هن چيو ته اصولي طور تي هر سياسي جماعت کي ليول پليئنگ فيلڊ ملڻ گهرجي، ايندڙ حڪومت پ پ ٺاهيندي، پ پ پي ٽي آءِ سان اتحاد جو فيصلو ناهي ڪيو، ميثاق جمهوريت لاءِ سڀني جماعتن کي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
سندس چوڻ هو ته اسرائيل فلسطين ۾ نسل ڪشي رهيو آهي، اسان فلسطينين جي نسل ڪشي سوشل ميڊيا تي ڏسي رهيا آهيون، دنيا جا حڪمران خاموش ضرور آهن پر عوام چپ ناهي.
اليڪشن جو چنڊ سڀني کي مبارڪ، عدالت کي مداخلت جي ضرورت نه پئي ها: بلاول ڀٽو زرداري
Next Post
You might also like