ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ڊالر کانپوءِ سون جي في تولي جي اگهه ۾ لاڳيتو واڌ ٿي رهي آهي.
جمعي ڏينهن پاڪستاني بلين مارڪيٽن ۾ سون جي في تولي ۽ 10 گرام جي اگهه ۾ ترتيبوار 1100 ۽ 943 رپين جي واڌ ٿي.
اگهن ۾ واڌ بعد ڪراچي، حيدرآباد، ملتان، لاهور، پشاور، راولپنڊي، اسلام آباد ۽ ڪوئيتا ۾ في تولو سون 2 لک 14 هزار 400 رپين جو ٿي ويو آهي جڏهن ته 10 گرام سون 1 لک 83 هزار 813 رپين جو ٿي ويو آهي.