سنڌ ۾ مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار مقرر

ڪراچي: (ويب ڊيسڪ) سنڌ جي نگران حڪومت مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار مقرر ڪري ڇڏي آهي.

ڪابينا جي منظوري کانپوءِ نگران حڪومت مزدورن جي ماهوار اجرت گهٽ ۾ گهٽ 32 هزار مقرر ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو.

نوٽيفڪيشن موجب پهرين جولاءِ 2023ع کان مزدورن جي گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا ماهوار ٿي ويندي.

نوٽيفڪيشن ۾ چيو ويو آهي ته عورت مزدورن کي به گهٽ ۾ گهٽ اجرت 32 هزار رپيا هوندي.

صوبي جي سمورن صنعتن جي ماهر ۽ غير ماهر مزدورن تي هڪ مقرر گهٽ ۾ گهٽ اجرت لاڳو ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.