اسان جي زمين جي اندر اربين سالن کان هڪ سياري جو ڪجهه حصو موجود آهي.
اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ تحقيق ۾ سامهون آئي.
ڪيليفورنيا انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالوجي جي ان تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته اهو انڪشاف آفريقا ۽ پئسفڪ سمنڊ ۾ 1980ع جي ڏهاڪي ۾ مليل مادي جي جاچ مان ٿيو.
اهو مادو زمين جي چادر جي ويجهو مليو هو ۽ محققن موجب ان ۾ آئرن جو مقدار تمام گھڻو آهي ۽ زلزلي جي لهرن تي اهو مادو مختلف انداز ۾ ردعمل ظاهر ڪري ٿو.
محققن موجب اهو Theia سياري جي باقيات آهي جيڪو اربين سال اڳ اسان جي زمين سان ٽڪرايو هو.
هنن وڌيڪ چيو ته زمين جي شروعات ۾ ان سياري جو ٽڪر ٿيو ۽ ان ملبي سان ٽيڪٽونڪ پليٽس تي اثر پيا.
ان سان گڏوگڏ ٻنهي سيارن ۾ ٽڪر سان چنڊ به ٺهيو.
محققن جي خيال ۾ اربين سال اڳ اهو سيارو سج جي چوڌاري چڪر لڳائيندو هو پر ٻين سيارن جي ڪشش ان کي پاڻ ڏانهن ڇڪو ته اهو سيارو بڻجڻ جي عمل مان گذرندڙ زمين سان ٽڪرائجي ويو.
Theia جو ڪاٿو مريخ جيترو هو ۽ جڏهن ٻنهي سيارن ۾ ٽڪر ٿيو ته اهو ايترو طاقتور هو جو تمام گھڻي مقدار ۾ مادو زمين جي چوڌاري پکڙجي ويو، جيڪو بعد ۾ ٿڌو ٿي گڏ ٿيو ۽ چنڊ جي شڪل اختيار ڪري ويو.
محققن تسليم ڪيو ته کين خبر نه هئي ته آخر ان سياري جي باقيات اڃا به زمين جي تهه ۾ ڇو موجود آهي.
ان حوالي سان هو وڌيڪ تحقيق ڪرڻ جي منصوبابندي ڪري رهيا آهن.ئ
ان تحقيق جا نتيجا جرنل نيچر ۾ ڇپيل آهن.
You might also like