مُلڪي مسئلا ۽ ان جا ڪارڻ

تحرير: طفيل مگسي

اسان جي ملڪ ۾ سدائين کان ان ڳالهه ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ويندو آھي ته اسان ڪيترن ئي مسئلن جو شڪار آهيون جن ۾ ڪي مسئلا ته اهڙا آھن ته جيڪي اسان پاڻ پنهنجي لاءِ پيدا ڪيا ۽ ڪي پاڪ وهند جي ورهاڱي کانپوءِ يعني برصغير جي ورهاست جي وقت ورثي جي طور تي مليا. پر ان کان به افسوسناڪ ڳالهه اها آھي ته اسان پنهنجي تاريخ کان ڪو سبق حاصل نه ڪيو بلڪ جيڪي شيون اسان ماضيءَ ۾ ڪيون انهن جو تجربو ناڪام ٿيو يعني اسان انهن مسئلن کي ٻيهر جنم.ڏنو ۽ تسلسل سان انهن کي برقرار رکيو.اهوئي سبب آھي ته اسان ترقي جون منزلون طئي نه ڪري سگهياسين يا ڪجهه شعبن ۾ جتي اسان ترقي حاصل ڪئي انهن کي به برقرار رکي نه سگهياسين.

بحيثيت قوم اسان جو اهو الميو آھي ته جڏھن به اسان کي ڪو مسئلو پيش اچي ٿو ته اسان ترت امداد لاءِ اندريون يا ٻاهريون ڪو سهارو تلاش ڪريون ٿا ۽ اسان ڪڏھن به هن ڳالهه تي ويچار ئي نه ڪيو ته ڪهڙن مسئلن کي اسان منهن ڏئي رهيا آهيون، انهن جا ڪارڻ ڪهڙا آھن بلڪ اسان انهن مسئلن جي سڃاڻپ جي بنا ئي انهن جو علاج شروع ڪري ڇڏيون ٿا. جيڪو علاج مسئلن کي وقتي طور تي ته ختم ڪري ٿو. پر  مڪمل طور تي ختم ئي نٿو ڪري سگهي.

اها ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آھي ته پاڪستان ۾ بين الاقوامي طاقتن جي مداخلت رهي آھي ۽ اهو سلسلو اسان جي تاريخ ۾ 75 سالن کان هلندو پيو اچي. پر اها ڳالهه به درست ناهي ۽ اسان سمورين تحريڪن ۽ اٿڻ وارن آوازن کي بنا ڪنهن تحقيق جي غيرملڪي ۽ بين الاقوامي مداخلت قرار ڏيون. اهوئي سبب آھي ته اسان جي قوم ۽ نوجوان نسل ۾ علم و تحقيق.درس و تدريس. مطالعي ۽ ڄاڻ وشعور سان چاه ۽ اھميت ئي ختم ٿي وئي آھي.

قوم اها ئي ترقي جون منزلون طئي ڪندي آھي.جنهن جون اوليتون علم و تحقيق سان چاهه رکنديون هجن.اسان جي معاشري ۾ جڏھن انهن شين تي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي ته نهايت ئي تنگ نظري ۽ تنگ دلي سان ڏٺو ۽ ٻڌو وڃي ٿو ۽ انهن مسئلن تي ڪو ڌيان ئي نٿو ڏنو وڃي ته پوءِ اسان ڪيئن چئي سگهون ٿا ته اسان جي معاشري ۾َڪا تبديلي پيدا ٿيئي.ڇوته بدعنواني ۽ جهالت هڪ خاص درجي تائين پيدا ٿيئي ٿي.ان کانپوءِ جڏھن اها حد کي ڪراس ڪري وڃي ٿي ته معاشرو تباه ۽ برباد ٿي وڃي ٿو ۽ قوم، پستي، بدحالي ۽ انتهائي ناقابل برداشت حالتن جون منهن ڏسي ٿي.

جيستائين اسان جي معاشري ۾َ اهي سمورا ڪارڻ موجود آھن.اسان ڪڏھن به پنهنجي مستقبل جي تقدير  کي نٿا بدلائي سگهون ۽ نه ئي جدت پسندي.علم و تحقيق. ڄاڻ و شعور ۽ درس و تدريس کي پنهنجي معاشرتي قدرن جو درجو ڏئي سگهون ٿا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.