حقيقت ۾ ڏٺو وڃي ته اسين هڪ اڻ سڌريل قوم آهيون. ڪوبه ڪم سليقي سان نه ٿو ڪيو وڃي. ملڪي سياست نواز شريف جي اچڻ کان پوءِ به انتشار جو شڪار آهي. پي ڊي ايم جي 16 مهينن جي حڪومت ملڪ ۾ سياسي توڙي معاشي بگاڙ آندو. اسان جا سياستدان ۽ آسماني مخلوق طور مشهوري ماڻيدڙ به اڄ تائين ملڪ کي صحيح نموني هلائڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.
مڃيون ٿا ته انگريزن لٽ مار وڏي ڪئي هئي. اهي خطي ۾ حڪمران به رهيا. پر پوءِ به سياسي طور اسان کي گهڻو ڪجهه ڏئي هليا ويا. ۽ انهن اسان کي سيکاريو ته سياسي جماعتن جي جوڙجڪ ڪيئن ٿيندي آهي؟ برصغير جي ماڻهن انگريزين مان گهڻو ڪجهه سکي ورتو. انگريز سرڪار نمائنده حڪومت جوڙي. ڇا اسان جي بادشاهن جي زماني ۾ بلدياتي اليڪشن ٿيندي هئي؟ بلڪل نه. ان جي سوچ به اسان کي انگريز سرڪار ڏني.
اسان جي وڏن وڏن قومي ليڊرن به تعليم انگريزن کان پرائي. قائد اعظم، جواهر لعل نهرو، مهاتما گانڌهي مطلب ته وڏن وڏن ليڊرن تعليم انگريزن وٽان پرائي. 1947 کان پوءِ انگريز سرڪار جڏهن پنهنجا ٽپڙ ايشيا مان پٽي برطانيا روانا ٿيا ته ويندي ويندي اسان کي جمهوري ادارا به ڏئي ويا. ڀارت جمهوريت لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ڪيو پر اسان اڄ تائين ڪجهه به نه ڪري سگهياسين. اڄ جي پاڪستان جي سياست تي جيڪڏهن ٿوري به نظر وجهون ٿا ته ايتري خبر ضرور پوي ٿي ته اليڪشن ٿيڻ کان سواءِ ڪو به مسئلو حل نه ٿيندو. اليڪشن جو ٿيڻ تمام ضروري آهي. هن وقت پاڪستان جو آئين هڪ ننڍڙي ڪتاب جيان آهي. ان جي ڪابه حيثيت ۽ اهميت باقي ناهي رهي. مسئلو اهو به آهي ته جيڪڏهن اليڪشن نه ٿي ٿئي ته پوءِ اسان جي عالمي پوزيشن جيڪا پهريان ئي خراب آهي ويتر به خراب ٿي ويندي ۽ پوءِ آءِ ايم ايف سان معاملا به تمام خراب ٿي ويندا. بحرالحال اسان جي سمجهڻ وارن کي سمجهه ۾ اهيا ڳالهه ضرور اچي ٿي ته اليڪشن ڪرائڻي پوندي. اليڪشن کان سواءِ ڪوبه مسئلو حل نه ٿي سگهندو. ۽ اهو به اهم نقطو سامهون اچي ٿو ته جيڪڏهن اليڪشن طرف سوچ وڃي ٿي ته پوءِ دلين ۾ کوڙ سارا وسوسا به پيدا ٿين ٿا.
جيڪڏهن آزاد، صاف ۽ شفاف اليڪشن ٿئي ٿي ته پوءِ ڪافي ماڻهن جا ارادا خاڪ ۾ ملي وڃن ٿا ۽ اهو به خيال آهي ته جنهن ميدان کي اليڪشن لاءِ تيار ڪندي اتي ڪناتون لڳايون وڃن ٿيون اهي پٽجي نه وڃن. جيڪڏهن اهي پٽجي ويون ته پوءِ ذهن ۾ جوڙيل هڪ منصوبو خاڪ ۾ ملي ويندو ۽ ذهن ۾ جوڙيل هڪ سياسي بندوبست جو پوءِ ڇا ٿيندو؟ ۽ جنهن کان نفرت ڪئي وڃي ٿو جيڪڏهن عوام ان کي وڏي اڪثريت سان پسند ڪري ورتو ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڇاڪاڻ ته اليڪشن ڏينهن دنيا جا عالمي مبصر به هوندا ۽ دنيا جي ميڊيا به پاڪستان ۾ لٿل هوندي. ڪيس داخل ڪرڻ ته اسان جي هٿ ۾ آهي پر ووٽر جي سوچ ۽ نفسيات کي ڪير قيد ڪندو؟ جيڪي ڪروڙن جي تعداد ۾ آهن. انهن ڪروڙن مٿان ته ڪيس داخل نه ٿي سگهندا نه؟ جيڪڏهن ووٽ ڏيندڙن اسان جي نه ٻڌي ۽ پنهنجي مرضي هلائي ته پوءِ نواز شريف جو ڇا ٿيندو؟ گهٽ وڌ ڪري نواز شريف کي فائدو ڏنو به وڃي پر پوءِ ان نتيجن کي ڪير مڃي وٺندو؟
ملڪ جو عوام خاص ڪري ووٽر هاڻي مزاحيا ٿي ويو آهي. جيڪڏهن ڪنهن جي مذاق ڪرڻ ۽ ڪنهن جي طنز ڪرڻ تي اچي ته ان ماڻهوءَ کي ڀاڳل ڪري ڇڏيندو آهي. هاڻي صورتحال اهڙي قسم جي جڙندي پئي وڃي ته اليڪشن ڪرائڻي به آهي جيڪا فيبروري ۾ ٿيندي. مجبوري به آهي ۽ خوف به طاري آهي. ان مسئلي ۾ پاڪستان جو عوام ڦاٿل ڏسڻ ۾ اچي ٿو. آخرڪار ان مسئلي جو حل ڪهڙو هجي؟ هاڻي شين کي ڪيئن سڌارجي؟ ڪنهن وٽ به ان جو ڏانءُ ناهي. ڪنهن سٺي معاشري جي تخليق ڪو پڙهيل لکيل ئي ڪري سگهي ٿو. اڻ پڙهيل ته ڪونه ڪري سگهندو نه؟ سٺي عمارت جو نقشو سٺو انجنيئر ئي ڪڍي سگهي ٿو. شين کي سٺي نموني جوڙيندڙ جي اکين ۾، سوچ ۾ ۽ دماغ ۾ سٺي چٽ سالي هجي ٿي. ته پوءِ آخرڪار اسان کي ملڪي سياسي معاملا هلائڻ لاءِ سٺو ڍنگ ڪٿان ملي سگهندو؟ آخرڪار ڪير اچي اسان کي سيکاريندو؟
هن وقت سياسي رساڪشي سبب پاڪستان کي پنهنجي ڄمڻ جي تارخ کان به وڌيڪ نقصان ٿي رهيو آهي. معاف ڪرڻ واري پاليسي جوڙڻ سان پاڪستان هڪ ڀيرو ٻيهر ايشيا جو ٽائيگر بڻجي سگهي ٿو ۽ اسان کي اهو به ڪو سيکاريندو ته جتان سياسي معاملا بهتر هلي ڪونه ٿا سگهن اتان ملڪ جا معاشي معاملا ڪيئن بهتر هلي سگهندا؟ هاڻي روئجي يا کلجي ملڪ هلي ڪيئن؟ ملڪ هڪ وڏي بحران جي ور چڙهيل آهي. پاڪستان جا نه هوائي جهاز هلن ٿا نه ريل هلي ٿي نه اسٽيل مل هلي ٿي ۽ نه وري ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪارڪردگي ڪا بهتر آ.
هن وقت پاڪستان جو آئين هڪ ننڍڙي ڪتاب جيان آهي. ان جي ڪابه حيثيت ۽ اهميت باقي ناهي رهي. مسئلو اهو به آهي ته جيڪڏهن اليڪشن نه ٿي ٿئي ته پوءِ اسان جي عالمي پوزيشن جيڪا پهريان ئي خراب آهي ويتر به خراب ٿي ويندي ۽ پوءِ آءِ ايم ايف سان معاملا به تمام خراب ٿي ويندا. بحرالحال اسان جي سمجهڻ وارن کي سمجهه ۾ اهيا ڳالهه ضرور اچي ٿي ته اليڪشن ڪرائڻي پوندي. اليڪشن کان سواءِ ڪوبه مسئلو حل نه ٿي سگهندو.